رمضان علي خان

رمضان علي خان

رمضان علي خان

رمضان علي خان (ڪلاسيڪل راڳي): استاد رمضان علي خان 1944ع ڌاري حيدرآباد جي سخي پير ڪالونيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد سنڌ جو ناميارو راڳي خانصاحب حاجي خير محمد خان هو، جيڪو ماڙيچا گهراڻي جو برک گائڪ ٿي گذريو آهي. استاد رمضان علي خان ننڍپڻ کان وٺي سُريلو هو. شروعاتي پنجين درجي تائين تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول حيدرآباد مان ورتائين. استاد رمضان خان جي گهر ۾ موسيقيءَ جو ماحول اڳ ئي موجود هو. ننڍي هوندي صبح جو سُر منڊل جي تارن جي آلاپن تي سندس اک کُلي پوندي هئي ۽ هو فجر مهل اُٿي والد سان گڏ رياض ڪندو هو، جيڪو فجر ويلي ڪلاسيڪل راڳ کي ڪيترين شڪلين ۾ ڪمپوز ڪري ڳائيندو هو. هوم اسٽيڊ هال حيدرآباد ۾ جڏهن پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ٿيو ته استاد رمضان پنهنجي والد سان گڏجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان کانپوءِ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نئين بلڊنگ 1962ع ۾ جُڙي راس ٿي ته هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان سلهاڙجي ويو ۽ آخري وقت تائين ريڊيو پاڪستان سان جڙيل رهيو.
استاد محمد رمضان جا ڳايل ڪجهه مشهور ڪلام هي آهن:
(1) لاالھ الالله مون کي درشن يار ڪرائيندو،
(2) جوڳيئڙا جڙ لائي ويا، ساميئڙا لنؤ لائي ويا،
(3) صوفي آهن سدائين آ جوڳي، جتي ڪٿي يار،
(4) واهه واهه گُذران فقيران دا.
استاد محمد رمضان جي تيار ڪيل هن ڪلام جي ڌن اڳتي هلي مرحوم سينگار علي سليم پڻ ڳائي.
اُستاد رمضان علي خان، فقير ۽ صوفي منش هو. سموري عمر نياز ۽ نوڙت سان گذاريائين. هن سنڌ ۾ موسيقيءَ جي ميدان ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ مصري فقير (گهوٽڪي)، مائي بدرالنساءِ (حيدرآباد)، امير علي خان'>استاد امير علي خان، استاد رجب علي خان، استاد لعل بخش خان، علي ڏنو فقير، فقير غلام رسول جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن.
استاد محمد رمضان سنڌ جي اڪثر درگاهن جو عقيدتمند هو ۽ درگاهن تي وڃي راڳ رنگ جون محفلون سجائيندو هو. مصري شاهه جي درگاهه تي به اڪثر محفلون ڪندو هو. سندس اولاد مان اُستاد امير علي خان سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳ جو ڄاڻو ۽ ليکڪ آهي. سندس ٻيو نمبر پُٽ روشن علي هارمونيم نواز آهي، ٽيون نمبر پٽ اختر علي خان ۽ چوٿون نمبر پٽ حيدر علي به نئين ٽهيءَ جا سٺا راڳي آهن.
استاد رمضان خان 1993ع ڌاري وفات ڪئي. کيس حيدرآباد جي قديم اباڻي قبرستان ٽنڊي يوسف ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ رمضان علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو